پکا وجهڻ

پُکا وجهڻ: ڪاغذ جي چُٽڪين/ پرچين تي نالا لکي، ڪنهن ٻار يا ماڻهوءَ کان هڪ چٽڪي کڻائڻ کي پُکا يا پُکو وجهڻ چئبو آهي. آڳاٽي وقت ۾ نامعلوم ڏوهاريءَ يا چور جو نالو معلوم ڪرڻ لاءِ ڪاغذ جي چٽڪين، ٺڪرين ۽ هڏين وغيره تي نالا لکي، انهن مان هڪڙي کڻائبي هئي. اُن چٽڪيءَ تي جنهن جو نالو لکيل هوندو هو، ان کي ڏوهاري ليکيندا هئا، پوءِ ڇو نه اهو بي ڏوهي هجي. پُکن کي غلط سمجهندڙ جي اطمينان لاءِ ڪي وري چٽڪيون لکي اٽي جي ڳوڙهين ۾ ويڙهي، اهي ڳوڙهيون پاڻيءَ سان ڀريل ٿانءَ ۾ وجهندا آهن. انهن مان ٻيون ڳوڙهيون وڃي تر وٺنديون، پر ڪا هڪڙي ڳوڙهي ضرور مٿي تري ايندي، پوءِ مٿي تري آيل ڳوڙهيءَ ۾ لکيل نالي وارو ڏوهاري ليکبو هو. اهو سڄو عمل ”پکا وجهڻ“ چئبو آهي. گهڻو ڪري چوري ٿيل مال لهڻ ۽ چور جي نالي معلوم ڪرڻ لاءِ پُکا وجهندا آهن. هاڻي ته ڪمپيوٽر تي به پکا وجهن ٿا، جيئن ڪنهن انعامي اسڪيم يا لاٽريءَ لاءِ ڪمپيوٽر ۾ سمورا نمبر وجهي (فيڊ ڪري) پوءِ انهن مان ڪو هڪ ڪڍڻ، ٻئي طرف چونڊن وغيره لاءِ به پُکا وجهبا آهن. چونڊن ۾ ووٽ برابر ٿيڻ جي صورت ۾ پُکا وجهي فيصلو ڪبو آهي. ويسيءَ وقت به پکا وجهبا آهن. ٻئي مهيني اُن ماڻهوءَ جي ويسي نه نڪرندي آهي، جنهن جو پُکو اڳ نڪتل هوندو آهي. سنڌ ۾ پُکن راند به ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ مختلف تفريح لکي پکو ڪڍڻ واري کي ڪرڻا پوندا آهن، مثال: گانو ڳائڻ، اُٿ ويهه ڪرڻ، ڪنهن جانور جو آواز ڪڍڻ وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو